Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

لاءِ هدايت آهي، * هن ۾ اسان جي لاءِ روشني آهي، * هن ۾ اسان جي لاءِ نور آهي، هن ۾ اسان جي مسئلن جو حَل آهي، * هن ۾ اسان جي پريشانين جو حل آهي، * هن ۾ اسان جي مُعَاشِي مُعَاملات جو حل آهي، * هن ۾ گھر جنّت جو گهوارو بنائڻ جا اُصُول آهن، * هن ۾ زِندگي خوب صُورت بنائڻ جي طريقن جو بيان آهي، افسوس! افسوس! هن پاڪيزه ڪلام کي پڙهڻ جي لاءِ اسان جي دِل بي چين ناهي ٿيندي، هن کي سمجھڻ جي لاءِ اسان بيتاب نٿا ٿيون۔ * ڪاش! اسان کي به قرآنِ ڪريم جي محبت نصيب ٿي وڃي.

 * ڪاش! اسان به قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، * ڪاش! اسان به قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ وارا بڻجي وڃون، * ڪاش! فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو صدقو نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان جي زِندگي قرآنِ ڪريم جي آئينه دار ٿي وڃي۔

قرآن جنت ۾ وٺي ويندو

حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: بيشڪ قرآن ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ هن جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي، پوءِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻائيندو، قرآن ڪريم ان کي جنت ۾ وٺي ويندو ۽ جيڪو قرآنِ مجيد کي پٺي (يعني ڇڏي) ڏيندو، قرآنِ مجيد ان کي جهنّم ۾ ڌڪي ڇڏيندو۔([1])

گَرْ تُو مِی خَواہِی مُسَلْمَاں زِیْسْتَنْ                                                                                   نَیْسْت مُمْکِنْ جُزْ بَہ قُرْآں زِیْسْتَنْ

ترجمو: جيڪڏهن مسلمان بڻجي زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته بغير قرآن جي


 

 



[1]...مُصَنَّف عَبْدُ الرَّزَاق، باب: تعلیم القران، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030۔