Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

        اي عاشقانِ رسول! اهي آهن اسلام جا ٻيان خليفه، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه...! کين قرآنِ ڪريم سان ڪيتري محبت هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪيڏي محبت سان، ڪيتري پيار سان، قرآنِ ڪريم جي معني ۽ مفهوم ۾ گم ٿي، خوفِ خُدا سان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندا هئا، اسان به الحمد لله! مسلمان آهيون۔ * اسان ٿورو پنهنجي اندر به جھاتي پائي ڏسون، * هر ڪو پنهنجي باري ۾ غور ڪري ته منهنجي دِل ۾ قرآنِ ڪريم جي ڪيتري محبت آهي؟ * اهو اسان جو حق ٿئي ٿو، اسان پنهنجو پاڻ کان پڇون ته ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا آهن قرآنِ ڪريم کولي پڙهندي، * اهو قرآن، اهو الله پاڪ جو پاڪيزه ڪلام، جيڪو الله پاڪ اسان جي هدايت جي لاءِ نازِل فرمايو، * اهو قرآن جيڪو شِفَا آهي، اهو قرآن جيڪو جسماني بيمارين جي لاءِ به شِفَا آهي، * جيڪو باطني بيمارين جي لاءِ به شِفَا آهي، اهو قرآن جنهن ۾اسان جي رَبّ اسان جي لاءِ زِندگي جا اُصُول بيان فرمايا آهن، اسان هن قرآنِ ڪريم کي، هن پاڪيزه ڪلامِ اِلٰهي کي ڪيترو پڙھون ٿا، هن کي سمجھڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪيون ٿا۔

 * جيڪڏهن موٽر سائيڪل هلائي رهيا هجون، موبائل جي گھنٽي وڄي، ڪنهن جو ميسج اچي ته دِل ۾ هڪ هلچل مچي ويندي آهي، * نماز پڙهي رهيا هجون، موبائل جي گھنٽي وڄي يا جنبش (Vibration) محسوس ٿئي ته نماز کان ڌيان هٽي ويندو آهي ته خبر ناهي ڪنهن جو ميسج هوندو، خبر ناهي ڇا چيو هوندو، خبر ناهي ڪنهن جي فون اچي رهي آهي، فارِغ ٿي هڪدم موبائل ڏسندا آهيون، * نماز ۾ جيڪڏهن گھنٽي وڄي ته بَس سلام ڦيرڻ جي دير ٿيندي آهي، بعض ته دُعا گھرڻ جيترو به صبر ناهن ڪندا، پهريان موبائل ڏسندا آهن۔ غور فرمايو! * اهو قرآن اسان جي رَبّ جو ڪلام آهي، * هن ۾ اسان جي