Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

جماعت تي لکين سلام هجن.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

شيرخدا جي هڪ پياري تمنّا

پيارا اسلامي ڀائرو! موليٰ علي مشڪل ڪشاء رَضِىَ اللهُ عَنۡه  نهايت بلند رُتبي وارا صحابي آهن، امام حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهما جا والد به آهن، مسلمانن جا خليفا به آهن، سندن شان ۽ عظمت کان ڪير واقف ناهي. اچو! موليٰ علي شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه   جي هڪ خوبصورت تمنّا ٻڌون ٿا:

حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ اهڙو اعمالنامو جيڪو مان قيامت جي ڏينهن الله پاڪ حضور ۾ کڻي وڃڻ چاهيان ٿو، اهڙو اعمالنامو مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو آهي.

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً حضرت علي المرتضيٰ شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ به نهايت بُلند رتبي وارا آهن، سندن پاڪيزه سيرت، سندن ڪردار، سندن اخلاق ۽ عادات، عبادات وغيره ۾ به ڪا ڪمي ناهي، پاڻ به انتهائي باڪمال (Outstanding) آهن پر هر ڪمال وارو وڌيڪ ڪمال واري جي طرف رغبت رکندو آهي، يقيناً موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو اِهو فرمانِ عاليشان اسان جي تعليم جي لاءِ آهي، اوهان هن مان اندازو لڳايو! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت، سندن ڪردار ڪيترو عظيم الشان آهي. هي ذهن ۾ رهي ته اعمالنامي ۾ انسان جو هر ننڍو وڏو عمل درج هوندو آهي، ڄڻ موليٰ علي شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه  فرمائي رهيا آهن هر اهو ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو عمل جيڪو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اعمالنامي ۾ لکيو ويو آهي، مان چاهيان ٿو  ته بلڪل اهڙو ئي منهنجي اعمالنامي ۾ به لکيل هجي.