Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ته ايتري آهسته آواز ۾ ڳالھ ڪندا هئا جو ڪڏهن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻيهر پڇڻو پوندو هو ته ڇا ٿا چئو۔([1]) سندن حق ۾ الله پاڪ فرمايو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَغُضُّوۡنَ اَصۡوَاتَہُمۡ عِنۡدَ رَسُوۡلِ اللّٰہِ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ امۡتَحَنَ اللّٰہُ قُلُوۡبَہُمۡ لِلتَّقۡوٰی ؕ لَہُمۡ مَّغۡفِرَۃٌ وَّ اَجۡرٌ عَظِیۡمٌ (۳)
(پارہ28، سورۃ الحجرات: 3)
ترجموڪنزُالعِرفان: بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي رسول وٽ پنهنجي آوازن کي هلڪو رکندا آهن سي اهي ئي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله پرهيزگاري جي لاءِ پرکي ڇڏيو آهي، انهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي.
اهي صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان جيڪي بارگاھ رسالت ۾ پنهنجو آواز هلڪو رکندا هئا، خاص ڪري حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن جي باري ۾ هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ انهن جون دِليون تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي لاءِ پرکيون آهن، انهن جي لاءِ آخرت ۾ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي۔
سُبحٰنَ الله! معلوم ٿيو حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بخشش يقيني آهي، اهي قطعي يقيني جنّتي آهن، ڇوته الله پاڪ هن آيتِ ڪريمه ۾ انهن جي بخشش جو ۽ انهن جي وڏي ثواب جو اعلان فرمايو آهي۔
وہ دسوں جن کو جنت کا مثردہ مِلا اس مبارک جماعت پہ لاکھوں سلام([2])
وضاحت: يعني اهي 10 خوش نصيب صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جن کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دنيا ۾ ئي جنت جي خوشخبري ٻڌائي آهي ان بابرڪت