Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

بُرائي کي دل ۾ بُرو ڄاڻيو

صحابه رسول حضرت ابوسعيد خُدۡري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضورِ پاڪ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو ته توهان مان ڪو جڏهن ڪنهن بُرائي کي ڏسي ته ان کي گهرجي ته بُرائي کي پنهنجي هٿ سان روڪي ۽ جيڪو پنهنجي هٿ سان روڪڻ جي طاقت نٿو رکي ته ان کي گهرجي ته پنهنجي زبان سان روڪي ۽ جيڪو پنهنجي زبان سان روڪڻ جي طاقت نٿو رکي ته ان کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ بُرو ڄاڻي ۽ هي ڪمزور ترين ايمان جي علامت آهي[1]

ڇا اسان دل ۾ برو سمجهون ٿا؟

هي حديث شريف لکڻ کان بعد شيخ طريقت اميراهلسنت فرمائن لکن ٿا: * پنهنجي ضمير کان سوال ڪيو ته ڪنهن کي گناهه ڪندي ڏسي هٿ يا زبان سان روڪڻ ۾ پاڻ کي لاچار هجڻ جي صورت ۾ ڇا اوهان دل ۾ برو ڄاڻو ٿا؟ صد ڪروڙ افسوس! * ٻارن جي ماءُ ماني پچائڻ ۾ دير ڪري، * کاڌي ۾ لوڻ تيز ٿي وڃي، * پٽ اسڪول جي موڪل ڪري ته ضرور برو لڳندو آهي پر گھروارن جون روزانو پنج نمازون قضا ٿي رهيون آهن ته نِراڙ تي گُهنج جو نشان به نه پوي، انهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي وڃي، حالانڪ جيڪڏهن ٻار ڏهه سال جو ٿي وڃي ۽ نماز نه پڙهي ته پيء تي واجب آهي ته مار ڪُٽ ڪري به پڙهائي، نه ته گنهگار ۽ عذابِ نار جو حقدار ٿيندو، * اوهان ئي ٻڌايو ڇا اوهان جي هي عادت درست آهي * اوهان سوچيو! مثلاً ميوزڪ وڄي رهيو هجي، بيشڪ روڪڻ تي قدرت ناهي پر ڇا هي دل ۾ کٽڪي پيو؟ ڇا اوهان ان کي برو محسوس ڪري رهيا آهيو؟ جي نه، انهي ڪري جو پاڻ پنهنجي


 

 



[1] مسلم،کتاب الایمان،باب بیان کون النہی…الخ،صفحہ:42 ،حدیث:49