Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: غالب گمان هي آهي ته(خواب ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون) انهن پيش ٿيڻ وارن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه نه هئا.(جيڪڏهن هجن ها ته سندن قميص فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان به وڌيڪ ڊگهي ڏيکاري وڃي ها ڇوته پاڻ فاروق اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه کان به وڌيڪ افضل، دين ۾ گهڻو پخته ۽ ايمان وارا هئا.) [1]
دين جي معاملي ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت صحابي
سُبْحٰنَ اللہ پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث مان معلوم ٿيو ته فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه دين ۾ نهايت پخته ۽ گهڻو مضبوط ايمان وارا آهن. حديث پاڪ ۾ آهي، رسول رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَشَدُّہُمْ فِیْ دِیْنِ اللہ عُمَرُ يعني ديني معاملي ۾ سڀني صحابه ( رَضِىَ اللهُ عَنْهم ) کان وڌيڪ سختي ڪرڻ وارا عمر(رَضِىَ اللهُ عَنْه) آهن.[2] هڪ روايت ۾ فرمايو: يعني اَشَدُّ اُمَّتِی فِیْ اَمْرِ اللہ عُمَر الله پاڪ جي احڪام جي معاملي ۾ منهنجو سڀني کان پختو امتي عمر فاروق آهي.[3]
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ديني احڪام تي تمام گهڻو عمل ڪرڻ وارا آهن پر حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اها مضبوطي ۽ پختگي ايتري حد تائين پهتل هئي جو هيء سندن خصوصيت بڻجي وئي، ايستائين جو حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: صوفياءِ ڪرام(يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم) دين جي معاملي ۾ نهايت سخت هوندا آهن(مثلاً فرائض و واجبات ته پري جي ڳالھ آهي مستحبن يعني اهي نيڪي جا ڪم جن کي ڇڏڻ ۾ گناھ ناهي، انهن کي به بلڪل ناهن ڇڏيندا، انهن تي به مضبوطي سان، استقامت سان عمل پيرا رهندا