Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
ستو پيو هيس، اچانڪ ڪنهن دروازو وڄايو. مون پڇيو: ڪير؟ دروازو وڄائڻ واري هڪ عورت هئي، جڏهن ان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مون حيران ٿي پڇيو: منهنجي ڀيڻ؟ جواب آيو: هائو تنهنجي ڀيڻ آهيان. اهو ٻڌندي ئي مون جلدي ۾ دروازو کوليو، اڄ 10 سالن کان بعد منهنجي ڀيڻ منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان جو ذهني توازن ڪيئن ٺيڪ ٿي ويو؟ آزمائش ڪيئن دور ٿي؟ ان جي باري ۾ ٻڌائيندي منهنجي ڀيڻ چيو: مان سُتي پئي هيس، خواب ۾ ڪنهن مون کي چيو: الله پاڪ توهان جي ڏاڏي جي نيڪي جي برڪت سان اوهان جي پيءُ اسماعيل جي حفاظت فرمائي ۽ توهان جي والد اسماعيل جي برڪت سان تنهنجي حفاظت فرمائي. توهان جو ڏاڏو ۽ والد صاحب شيخين ڪريمين(يعني مسلمانن جي پهرين ۽ ٻئي خليفي) حضرت ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهما کان محبت ڪندا هئا، انهيءَ ڪري حضرت ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهما الله پاڪ جي درٻار ۾ تنهنجي سفارش ڪئي، هاڻي جيڪڏهن تون چاهين ته مان دعا ڪيان، الله پاڪ توکي شفا عطا فرمائيندو، جيڪڏهن چاهين ته صبر ڪر تنهنجي لاءِ جنت آهي. مون چيو: مان ته جنت چاهيان ٿي، باقي الله پاڪ جي رحمت وسيع آهي، اهو چاهي ته دنيا ۾ شفاء ۽ آخرت ۾ جنت ٻئي عطا فرمائي ڇڏي. خواب ۾ اچڻ واري چيو: توهان جو ڏاڏو ۽ والد صاحب شيخين ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهما کان محبت ڪندا هئا، ان جي برڪت سان الله پاڪ توکي شفا به ڏني ۽ تنهنجي لاءِ جنت جي به بشارت آهي.[1]
خُدا کے فَضْل سے میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا خُدا اُن کا مُحَمَّد مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا
کرم اللہ کا ہر دَم نبی کی مجھ پہ رَحْمت ہے مجھے ہے دوجہاں میں آسرا فاروقِ اعظم کا
رہے تیری عطا سے یاخُدا! تیری عنایت سے ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروقِ اعظم کا([2])