Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
وہ بھی شکم بھر روز نہ کھانا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّم
کون و مکاں کے آقا ہو کر دونوں جہاں کے داتا ہو کر
ہیں فاقے سے شاہِ دو عالَم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّم
قبضے میں جس کے ساری خدائی اُس کا بچھونا ایک چٹائی
نظروں میں کتنی ہیچ ہے دُنیا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پاڻ فرمائن ٿا ته (اي انسانو!) مان چاهيان ته توهان کان سٺو کاڌو کاوان ها ۽ توهان کان بهتر لباس پهريان ها پر مان پنهنجو عيش ۽ راحت پنهنجي آخرت جي لاءِ باقي رکڻ چاهيان ٿو.([1])
پورو پورو مهينو گهر ۾ چُلھ نه ٻرندي هئي
مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه صِديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ڪڏهن ڪڏهن پورو پورو مهينو گذري ويندو هو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گهر مبارڪ ۾ باھ نه ٻرندي هئي.([2]) هڪ روايت ۾ آهي: حضرت عائشه صِديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها پنهنجي ڀاڻيجي حضرت عروه بن زُبير کي فرمايو: اي ڀاڻيجا! ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو جو ٻه ٻه مهينا گذري ويندا هئا، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گهر مبارڪ ۾ باھ نه ٻرندي هئي. حضرت عروه بن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: ماسي جان! پوءِ توهان گذر بسر ڪيئن ڪندا هئا؟ فرمايائون: کجور ۽