Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، حضرت عائشه صِدِّيقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن انصاري خاتون موٽ آئي، ان جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سادو بِستر مبارڪ ڏٺو ته ان جي دل ڀرجي آئي، اها فوراً گهر وئي ۽ ڪپھ سان ڀريل نرم بسترو موڪليائين، مون رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ اهو بِستر وڇائي ڇڏيو. جڏهن رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي آيا ته پڇيائون: عائشه! هي ڇا آهي؟ مون سڄو واقعو عرض ڪيو، ان تي زُهد جي پيڪر، مڪي مديني جي تاجوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عائشه! هي بِستر انهيءَ خاتون کي موٽائي ڏي! خدا جو قَسم! جيڪڏهن مان چاهيان ها ته سون چانديءَ جا جبل مون سان گڏ هلن ها.([1])
تری فرش پر حکومت تری عرش پر حکومت تُو شہنشہِ زمانہ مدنی مدینے والے!
ترا خُلق سب سے بالا ترا حُسْن سب سے اعلیٰ فِدا تجھ پہ سب زمانہ مدنی مدینے والے!
ترا غم ہی چاہے عطّار، اسی میں رہے گرفتار غمِ مال سے بچانا مدنی مدینے والے!([2])
حضرت خَيۡثَمَه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هيءَ پيشڪش (Offer) فرمائي ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اسان اوهان کي دنيا جا اهي خزانا عطا فرمايون جيڪي نه اوهان کان پهريان ڪنهن کي مليا، نه اوهان کان بعد ڪنهن کي ملندا، ان تي وڌيڪ هيءُ ته انهن دنياوي خزانن جي ڪري اوهان جي اُخروي انعامات مان به ڪجھ گهٽ نه ڪيو ويندو. عابد ۽ زاهد نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرض ڪيو: