Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

اي الله پاڪ! هي سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ آخرت ۾ ئي جمع فرمائي ڇڏ!([1])

بعطائے رَبِّ حاکِم تُو ہے رِزْق کا بھی قاسِم      ہے ترا سب آب و دانہ مدنی مدینے والے!

مَیں غریب بےسہارا، کہاں اور ہے گزارا      مجھے آپ ہی نبھانا مدنی مدینے والے!([2])

زُهد مزاجِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرو! دنيا ۽ دنياوي مال ۽ دولت جي ڪثرت يقيناً نقصان ڪار آهي پر ياد رکو! هيءَ هر هڪ کي نقصان ناهي پهچائيندي. عالمن سڳورن  لکيو آهي: اهي بلند رتبي وارا اولياءِ ڪرام جن جي دل ۾ الله پاڪ جي محبت سمائجي چڪي هجي، جن جي دلين ۾ الله پاڪ جي ياد، ان جي محبت کان سواءِ ڪجھ باقي ئي نه هجي، ان پاڪيزه دلين وارن اولياءِ ڪرام کي دنيا جي ڪثرت ڪجھ نقصان ناهي پهچائيندي.([3])

   الله اڪبر! هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امَّتي آهن، جڏهن دنيا انهن کي نقصان نه ٿي پهچائي سگهي ته سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيئن ٿي نقصان پهچائي سگهي؟ جن جو قَرِيۡن (يعني گڏ رهڻ وارو شيطان) به ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو هو، انهن کي دنيا جو مال ڇا نقصان پهچائيندو...؟ پر زُهد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مزاج آهي، کين باقاعده پيشڪش ڪئي وئي: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اُخروي انعامات ۾ به بلڪل گهٽتائي نه ڪئي ويندي. پر قربان وڃو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مطصفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا کان ڪمال بي رغبتي جو هيءُ عالَم آهي جو پاڻ ان جي باوجود به دنيا کي قبول نه فرمايائون بلڪه اهو ئي عرض ڪيائون: مولا! هي سڀ ڪجھ منهنجي


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الفضائل، باب اعطی اللہ تعالیٰ محمد، جلد:7، صفحہ:444، حدیث:162۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ:426۔

[3]  سبع سنابل مترجم،صفحہ:191خلاصۃً۔