Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ڪامياب (Successful) ٿيو([1]) (2): اي ابو هريره! قَناعت اختيار ڪيو سڀ کان وڏو شڪر گذار بڻجي ويندي.([2])

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرو!  قَناعت سنّتِ مصطفٰي آهي. قناعت جي معنٰي آهي: جيترو مليو ان تي راضي رهڻ، وڌيڪ جي خواهش نه ڪرڻ * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جيڪو ملندو رضا خوشيءَ سان تناول فرمائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به کاڌي ۾ عيب نه ڪڍيو * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن لذيذ (Tasty) مزيدار کاڌن جي خواهش نه فرمائي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال ۽ دولت جي خواهش نه رکندا هئا.

کل جہاں مِلک اور جَو کی روٹی غذا                    اس شکم کی قناعت پہ لاکھوں سلام([3])

پياريون پياريون اسلامي ڀينرو! سنّتِ مصطفٰي تي عمل ڪيو! قَناعت اختيار ڪيو * قَناعت ايمان جو ڪمال، اسلام جو حُسن آهي * قَناعت ڪرڻ واري پاڻ کي دنيا کان بچائيندي، آخرت جي راھ تي هلائيندي آهي * قَناعت ڪرڻ واري الله پاڪ جي محبوب آهي * قَناعت ڪرڻ واري سان ماڻهو به محبت ڪندا آهن([4]) * امام شافِعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: قَناعت مالداريءَ جو اصل آهي.([5])

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم



[1] مسلم، کتاب:الزکاۃ، باب:القناعۃ، صفحہ:376، حدیث:1054۔

[2] ابن ماجہ، کتاب:الزہد، باب:الورع والتقویٰ،صفحہ:684، حدیث:4217ملتقطًا۔

[3] حدائق بخشش، صفحہ:304۔

[4] نضرۃ النعیم، جلد:8، صفحہ:3175۔

[5] دیوانِ امام شافعی، صفحہ:133۔