Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
لاءِ آخرت ۾ ئي جمع فرمائي ڇڏيو.
مون کي مال جمع ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو ويو
هاءِ! هڪ اسان ڪمزور دل آهيون، اسان جي آمدني گهٽ ٿي وڃي ته شڪايتون ڪرڻ لڳنديون آهيون، ڪمائي وڌي وڃي ته عيش ۽ عشرت ۾ پئجي ڪري نافرمانيون ڪرڻ لڳنديون آهيون، اسان جي حق ۾ ته دنيا سَراسَر نقصان ئي نقصان آهي پر پوءِ به اسان دنيا جمع ڪرڻ جي چڪر ۾ ئي رهنديون آهيون. حضرت ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي، نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ مون کي مال جمع ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو بلڪه ربِّ ڪريم مون کي حڪم ڏنو([1])
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَ كُنْ مِّنَ السّٰجِدِیْنَۙ(۹۸) وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (سيپارو: 14 سورة حجر:98_99)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ پنهنجي ربّ کي ساراهيندي ان جي پاڪائي بيان ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ٿي وڃ. ۽ پنهنجي ربّ جي عبادت ڪندو رھ تان جو توکي موت اچي وڃي.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرو! سڄو قرآنِ ڪريم، تمام حديثون پڙهي ڪري ڏسو! اسان کي به اسان جي ربِّ ڪريم مال جمع ڪرڻ، مال جي محبت ۾ پوڻ جو حڪم ناهي ڏنو بلڪه اسان جو رزق ته الله پاڪ پنهنجي ذمهءِ ڪرم تي کنيو آهي، ها! اسان کي نيڪيون ڪري، عبادت ۽ رياضت ڪري آخرت ڪمائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر افسوس! اسان دنيا جي رنگينن ۾ گُم ٿي ڪري آخرت کي ويساري ڇڏيندا آهيون، دنيا جي محبت، مال ۽ دولت جي حرص ۾