Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سندن ربِّ ڪريم پيشڪش فرمائي ته اي محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان چاهيو ته اوهان جي لاءِ مڪي شريف جا جبل سونَ جا بڻايا وڃن. ان جي باوجود پاڻ  ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي دنيا کان بي رغبتي صد مرحبا...!! پاڻ سونَ جا پهاڙ قبول ڪرڻ ته رهي پري جي ڳالھ روزانو جي ضرورت جو کاڌو به طلب نه فرمايو بلڪه عرض ڪيو: مولا! مان هڪ ڏينهن کاوان، هڪ ڏينهن بکايل رهان، جڏهن کاوان ته تنهنجو شڪر ڪريان، جڏهن بکايل رهان ته تنهنجي حضور ٻاڏائيندو ڪريان.

 هاءِ افسوس! هڪ اسان آهيون، دنيا جي محبت اسان جي دلين ۾ گهر ڪري وئي آهي، ڪاش! اسان به دنيا جي بدران آخرت جو فڪر ڪرڻ واريون  بڻجي وڃون.

پیچھا مِرا دُنیا کی محبّت سے چُھڑا دے             یارَبّ!  مجھے  دیوانہ مدینے   کا  بنا  دے([1])

دنيا راند روند آهي

سيپارو: 7 سورة انعام، آيت: 32 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌؕ-وَ لَلدَّارُ الْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لِّلَّذِیْنَ یَتَّقُوْنَؕ-اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ(۳۲) (سيپارو: 7 سورة اَنعام: آيت 32)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ دنيا جي زندگي صرف راند روند آهي ۽ بيشڪ آخرت وارو گهر ڊڄڻ وارن جي لاءِ بهتر آهي پوءِ ڇا توهان سمجهو نه ٿا؟

   خليفهءِ اعلٰي حضرت، حضرت مفتي سيّد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي تفسير ۾ جيڪو ڪجھ فرمايو، ان جو خلاصو آهي: نيڪيون ۽ عبادتون توڙي جو دنيا ۾ رهي ڪري ئي ڪيون وينديون آهن پر هي دنياوي نه بلڪه اُخروي ڪم آهن. هن آيتِ ڪريمه مان ثابت ٿيو ته نيڪ ٻانهن جي اعمال


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:112۔