Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ڄاڻون ٿيون پر افسوس! دنيا، مال ۽ دولت، هتان جي فاني نعمتن جي محبت اسان جي دلين ۾ گهر ڪري وئي آهي، هاءِ! ڪاش! اسان دنيا جي بدران آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون.

الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِخَیْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْؕ-لِلَّذِیْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا   

(سيپارو: 3 سورة آلِ عمران: آيت 15)

ترجموڪنزالعرفان: (اي حبيب!) اوهان فرمايو، ڇا مان توهان کي انهن شين کان بهتر شيءِ ٻڌايان؟ (ٻڌو، اها هي آهي ته) پرهيزگارن جي لاءِ انهن جي رب وٽ جنّتون آهن جن جي هيٺان نهرون جاري آهن انهن ۾ اهي هميشه رهندا.

   يعني اي محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ماڻهن کي فرمايو! ته ڇا مان توهان کي دنياوي مال ۽ دولت، سون چاندي، ڪاروبار، باغَ، اعلٰي سوارين ۽ بهترين گهرن کان، عمده ۽ بهتر شيءِ ٻڌايان؟ ٻڌو! اهو الله پاڪ جي قُرب جو گهر آهي يعني جنّت آهي، ان ۾ کير، ماکي، پاڪيزه شرابَ جون شاخون (نهرون) وهي رهيون آهن، هيءَ جنّت پرهيزگارن جي لاءِ آهي ۽ ان ۾ هميشه رهندا.([1])

آخرت جا طلبگار بڻجي وڃو...!!

   مسلمانن جو چوٿون خليفو، حضرت عليُ المرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: ٻڌي وٺو! بيشڪ دنيا منهن ڦيري وڃي رهي آهي ۽ آخرت اچي رهي آهي، انهن ٻنهي جا طلبگار آهن، توهان دنيا جا طلبگار نه بڻجو! آخرت جا طلبگار بڻجو...!! بيشڪ اڄ عمل جو ڏينهن آهي، اڄ حساب ناهي، سڀاڻي عمل جو


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:3، سورۂ آلِ عمران، تحت الآیۃ:15، جلد:1، صفحہ:511بتغیر قلیل۔