Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
ڪري.([1])
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديٽِ پاڪ مان معلوم ٿيو: جڏهن به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪيو ته وسيلي سان دعا ڪيو، درودِ پاڪ به هڪ وسيلو آهي. تنهنڪري جڏهن به دعا گهرو، شروع ۽ آخر ۾ درودِ پاڪ پڙهي وٺندا ڪيو. والدِ اعلٰي حضرت، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو (Summary) آهي: دعا جي شروع ۽ آخر ۾ نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن آل ۽ اَصۡحاب تي درود موڪليو! جو درود الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قبول آهي ۽ الله پاڪ هن کان بَرتَر آهي جو شروع ۽ آخر کي ته قبول فرمائي ۽ درميان (۾ جيڪا دعا گهري وئي) ان کي رَد ڪري ڇڏي.([2])
محبوبِ رَبِّ اکرم! لاکھوں سلام تم پر
لاکھوں درود ہر دَم لاکھوں سلام تم پر([3])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.[4] لهٰذا پنهنجي حسبِ حال سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس