Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ايئن گرفتار ٿينديون  آهيون جو زندگي جو اصل مَقصد اسان کي ياد ئي ناهي رهندو. ڪاش! زُهدِ مصطفٰي جي صدقو اسان کي آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي.

تِرا غم ہی چاہے عطّارؔ اِسی میں رہے  گرِفتار      غمِ مال سے بچانا مَدنی مدینے والے([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ناڪامي جو اَصۡل سبب غربت يا حرص؟

   خبر ناهي ڪنهن اسان جي ذهنن ۾ هي ڳالھ وجهي ڇڏي آهي ته ڪاميابي، ترقي، عروج مال ۽ دولت جي گهڻائي جو نالو آهي، خبر ناهي ڇو اسان جا خيالات اهڙا ٿي ويا آهن جو معاشري ۾ جيڪو امير آهي، اسان ان کي ڪامياب سمجهنديون آهيون ۽ جيڪو ويچارو غريب آهي ان کي ناڪام، پوئتي رهجي وڃڻ وارو ۽ الائي ڇا ڇا سمجهنديون آهيون.

   يقين ڪيو! ڪاميابي (Success) ۽ ناڪامي، ترقي ۽ تنزلي، پستي ۽ بلندي، انهن جو مال ۽ دولت سان ڪو تعلق ناهي. غور فرمايو! هن دنيا ۾ سڀ کان ڪامياب ۽ ڪامل ۽ اڪمل زندگي اسان جي محبوب آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته مال به جمع نه فرمايو هو، بلڪه سندن کي پيشڪش ڪئي وئي ته محبوب! دنياوي خزانا قبول ڪيو! پاڻ پوءِ به قبول نه فرمايا. خبر پئي:

سبب کچھ اور ہے، جسے تُو خُود سمجھتا ہے           زوال بندۂ مؤمن کا بےزَری سے نہیں


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:426۔