Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
سيپارو: 26 سورةُ الاحقاف جي آيت نمبر 20 ۾ الله پاڪ جو فرمانِ عبرت نشان آهي:
اَذْهَبْتُمْ طَیِّبٰتِكُمْ فِیْ حَیَاتِكُمُ الدُّنْیَا وَ اسْتَمْتَعْتُمْ بِهَاۚ-فَالْیَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ
ترجمو ڪنزالعرفان: توهان پنهنجي حصي جون پاڪ شيون پنهنجي دنيا جي ئي زندگي ۾ فنا ڪري چڪؤ ۽ انهن مان فائدو کڻي چڪؤ پوءِ اڄ توهان کي ذلت جي عذاب جو بدلو ڏنو ويندو.
خليفهءِ اعلٰي حضرت، مفسرِ قرآن، حضرت صدر الافاضل علّامه مولانا مفتي سيّد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تفسيرِ خزائنُ العِرفان ۾ هنَ آيت مبارڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا، هن آيت ۾ الله پاڪ دنياوي لذَّتون اختيار ڪرڻ تي ڪافرن کي تُوبِيخ (يعني ملامت) فرمائي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ حضور جي صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهم دنياوي لذتن کان ڪناره ڪشي اختيار فرمائي.([1]) مسلم شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري وفات تائين حضور جي اهلِ بيتِ اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪڏهن جَوَن جي ماني به لاڳيتو 2 ڏينهن نه کاڌي.([2]) هي به حديث ۾ آهي ته پورو پورو مهينو گذري ويندو هو دولت خاني (يعني حويلي پاڪ) ۾ (چُلھ ۾) باھ نه ٻرندي هئي، ڪجھ کجورن ۽ پاڻيءَ تي گذارو ڪيو ويندو هو.([3])
کھانا تو دیکھو جَو کی روٹی بے چھنا آٹا روٹی بھی موٹی