Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرو!  هي حقيقت  (Reality) آهي، اسان سڀئي مسافر آهيون، هي دنيا ڄڻ ته صحرا (ريگستان) ۾ هڪ وڻ آهي، مسافرَ ايندا آهن، گهڙي کَن هتي ترسندا آهن ۽ پوءِ  آخرت جا راهي ٿي ويندا آهن. ڇا ڪو مسافر رستي ۾ ڪنهن مقام تي دل لڳائيندو آهي؟ اسان به زندگيءَ ۾ سفر ڪنديون  آهيون، ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته اسان سفر تي هجون، رستي ۾ ڪو نهايت ئي خوبصورت مقام اچي ته اسان اتي دل لڳائي هجي ته بس هاڻي گهر ناهي وڃڻو، هاڻي زندگي هتي ئي گذارڻي آهي؟ نه...!! ايئن ناهي ٿيندو. مسافر سفر جي دوران ڪيئي خوبصورت مقامات ڏسندو آهي، ان جي باوجود  اهو اتي دل ناهي لڳائيندو، اتان جي نعمتن ۾ گُم ناهي ٿي ويندو، جلدئي پنهنجي گهر موٽي ويندو آهي. هيءَ دنيا به اهڙي ئي آهي، اسان سڀ ئي مسافر آهيون، ڪجھ عرصي جي لاءِ هتي ترسيون آهيون، جلدئي آخرت جي سفر تي روانيون ٿي وينديون سين.

 الله پاڪ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي دنيا کان بي رغبتي نصيب فرمائي! ڪاش! اسان آخرت جو فڪر ڪرڻ واريون بڻجي وڃون.

ہمارے دِل سے نکل جائے الفتِ دُنیا        دے دِل میں عشقِ مُحَمَّد مِرے رچا یارَبّ! ([1])

سون ۽ چانديءَ جا جبل گڏ هلن ها


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:82۔