Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

”گھروارن تي خرچ“سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم : 1 ميزانِ عمل ۾ قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان ٻانهي جو پنهنجي گھروارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو۔([1])2  جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي گھروارن تي خرچ ڪري ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي۔([2])

اي عاشقانِ رسول! گھروارن تي خرچ ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي۔ * پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھروارن تي خرچ ڪندا هئا * حيثِ پاڪ مطابق هجرت کان پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جو رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلّي الله عَلَيه وَآلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھر وارن جي لاءِ سڄي سال جو اَن گڏ ڪندا هئا۔([3])

هن حديثِ پاڪ بابت مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَۃُ الله عَلَيه جيڪا شرح لکي آهي ان جو خُلاصو هي آهي ته اهو (يعني سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلّي الله عَلَيه وَآلِهٖ وَسَلَّم جو سڄي سال جي لاءِ اَن گڏ ڪرڻ،) بنو نُضَير جو قلعو فتح ٿيڻ کان بعد جي ڳالھ آهي۔ اهو به خيال رهي ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلّي الله عَلَيه وَآلِهٖ وَسَلَّم توڙي جو سڄي سال ان گڏ ڪندا هئا پر ازواجِ پاڪ ڪثرت سان صدقو ۽ خيرات ڪنديون هيون تنهنڪري سڄي سال جو اَن جلد ختم ٿي ويندو هو ۽ پاڻ فاقن ۾ گزارينديون هيون۔([4])  

بھوکے رہتے تھے خود اوروں کو کھلا دیتے تھے                                             کیسے صابِر تھے مُحَمَّد کے گھرانے والے

اِحْياءُ العلوم ۾ آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلّي الله عَلَيه وَآلِهٖ وَسَلَّم جو سڄي سال جو اَن گڏ ڪرڻ ان ڪري آهي ته جيئن اهو عَمَل امَّت جي حق ۾ سُنّت بڻجي وڃي، نه ته رسول اڪرم صَلّي الله عَلَيه وَآلِهٖ وَسَلَّم جا گھروارا ڪمزور دِل نه هئا (بلڪ اهي حضرات الله پاڪ تي  ڪامِل ڀروسو رکڻ واري هئا)۔ ([5])   


 

 



[1]...معجم الاوسط ،جلد:4، صفحہ: 329، حدیث: 6135۔

[2]...مسلم ،کتا ب :الزکاۃ، صفحہ:502، حدیث:1002۔

[3]... احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343۔

[4]... مرآۃُ المناجِیْح، جلد:5، صفحہ:949۔

[5]... احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343۔