Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

گرچہ ہیں بے حد قُصور تم ہو عَفُوّ و غَفُور

بخش  دو جُرم وخطا تم  پہ  کروڑوں  دُرُود

 (حدائقِ بخشش،ص266)

شعر جو خلاصو:

اي منهنجا ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيتوڻيڪ منهنجا گناھ حد کان وڌيڪ آهن، پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ته تمام وڌيڪ معافي عطا ڪرڻ وارا ۽ بخشڻ وارا آهيو، منهنجا گناھ ۽ خطائون به معاف ڪري ڇڏيو، الله عَزَّوَجَلَّ  توهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪروڙين درود وسلام نازل فرمائي۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ بيان ٻڌندس * پورو بيان ٻڌندس * خوب توجھ سان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان تي عمل جي ڪوشش به ڪندس * عِلمِ دين سکي، ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

اچّھی اچّھی نیّتوں کا ہو خدا جذبہ عطا                                                                                                           بندۂ مُخلِص بنا، کر عَفْو میری ہر خطا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔