Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

ہمیں توجان سے پیاری ہے بارہویں تاریخ    عَدو کے دِل کو کَٹاری ہے بارہویں تاریخ

ہزار عیدہوں ایک ایک لحظہ پرقُرباں            خُوشی دلوں پہ وہ طاری ہے  بارہویں تاریخ

ہمیشہ تُونے غلاموں کے دِل کیے ٹھنڈے      جلے جو تجھ سے وہ ناری ہے  بارہویں تاریخ

حسن ؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن               میرے خدا کو بھی پیار ی ہے  بارہویں تاریخ

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

شبِ قَدرکان به افضل رات

پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً اها ٻارهين تاريخ وڏي عظمت واري آهي، انهي ٻارهين تاريخ تي ڪفر ۽ شرڪ جون سڄون ظلمتون ختم ٿي ويون، انهيءَ ٻارهين تاريخ تي هر پاسي روشني ئي روشني ٿي وئي، انهيءَ ٻارهين تاريخ تي هر طرف خوشي ڇائنجي وئي، انهيءَ ٻارهين تاريخ جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪعبي جي ڇت تي جھنڊو لڳايو، ۽ هي اها ٻارهين تاريخ آهي جيڪا شب ِقدر کان به افضل ترين آهي، جيئن

           حضرت سيّدنا شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: بيشڪ سرورِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت واري رات شب قدر کان به افضل آهي، ڇو ته ولادت واري رات سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن دنيا ۾ جلوه گر ٿيڻ جي رات آهي، جڏهن ته لَيۡلةُ القدر سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيل رات آهي ۽ جيڪا رات ذاتِ مقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظهور جي ڪري مشرف ٿئي اها رات ان رات کان وڌيڪ شرف ۽ عزت واري آهي جيڪا ملائڪن جي نازل ٿيڻ سبب مشرف آهي. (مَا ثَبَتَ بِا لسُّنّۃص۱۵۳ )

عيدن جي عيد

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه ۱۲ ربيع النور مسلمانن لاءِ عيدن جي به عيد آهي، يقيناً حضورِ