Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخِل ٿيڻ جي سَعَادت ملي، اعتڪاف جي نيت ضرور ڪريو، نيت دل جي ارادي کي چئبو آهي، دِل ئي ۾ نيت ڪري وٺو ته مان اعتڪاف ۾ آهيان، اوهان معتڪف ٿي ويؤ، دِل ۾ نيت حاضِر هوندي زبان سان دُهرائڻ به سٺو آهي، چاهي پنهنجي مادري زبان ۾ ئي چئو: مون سُنّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب به ملندو رهندو۔  

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

دُرُودِپاڪ جي فضيلت

حُضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بخشش نشان آهي: الله عَزَّ وَجَلَّ جي خاطر پاڻ ۾ مَحَبَّت رکڻ وارا جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ مُصافحو ڪن ۽ نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِ پاڪ موڪلن ته انهن جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گُناھ بخشيا ويندا آهن۔ (مسند ابي يعلي،۳/۹۵،حديث۲۹۵۱)