Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

مبارڪ هٿن جي 8 معجزن جو دلڪش بيان به آهي، اهي رسالا مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي وٺي سگھو ٿا، اهي رسالا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان پڙهي به سگھجن ٿا، ڊاؤن لوڊ ۽ پرنٽ آوٽ (Printout) به ڪري سگھجن ٿا۔

پيارا اسلامي ڀائرو! ميلاد ِ مصطفٰي جي برڪتن کان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي جي زيرِ اِهتمام پاڪستان سميت ٻين ڪيئي ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي هر سال عيدِ ميلادُالنبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شاندار طريقي سان ملهايو ويندو آهي۔ ربيعُ الاوّل جي ٻارهين رات تي عظيم الشَّان اجتماعِ ميلاد جو اِنعقاد ٿيندو آهي،"صبحِ بهاران" ۾ پُرنور سُهاني گھڙين جو وڏي ادب ۽ اِحترام ۽ نهايت ئي عقيدت سان هٿ ٻَڌي اِستقبال ڪيو ويندو آهي ۽ عيد جي ڏينهن (12ربيع الاوّل) ”مرحبا يا مُصطفٰي“ جون ڌومون مچائيندي بي شُمار جُلوسِ ميلاد ڪڍيا ويندا آهن، جنهن ۾ لکين عاشقانِ رسول شريڪ ٿيندا آهن۔

عیدِ میلادُ النَّبی تو عید کی بھی عید ہے

بالیقیں ہے عیدِ عیداں عیدِ میلاد النَّبی

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! عِلمِ دين سکڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ، اولياءِ ڪرام جي محبت دِل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصّو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان  هفتيوار هڪ دِيني ڪم آهي: مدني مذاڪرو۔

الحمد لله! امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس