Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

بيٺو نه هو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايو: ”تون هاڻي بيهي نه سگھندين“ جڏهن ان جي اک کلي ته ان ڏٺو ته اهو اڃا به ويٺل آهي۔ ان پريشاني ۾ هڪ سال گُذري ويو پر اهو بيهي نه سگھيو، آخرڪار ان اها باس باسي ته جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ مونکي ان مرض مان شفاياب فرمايو ته مان محفلِ ميلاد شُروع کان آخر تائين بيهي ٻڌندس۔ ان باس جي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ ان کي صحت عطا فرمائي، هاڻي ان جو اهو معمول بڻجي ويو ته هو سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعظيم ۾ سڄي محفل بيهي ٻڌندو آهي۔     (الاعلام بفتاوي ائمۃ الاسلام حول مولده عليه السلام ص ۹۴)

تِرا  نام لے کر جو مانگے وہ پائے

تیرا نام  لیوا  ہے  پیارا  خدا  کا

تِرے رُتبہ میں جس نے چون و چرا کی

نہ  سمجھا  وہ  بد  بخت  رُتبہ  خدا  کا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

ميلاد واري مهيني ۾ دِيني رسالا ورهايو

پيارا اسلامي ڀائرو! سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول تائين نيڪي جي دعوت پهچائڻ، ميلاد جون برڪتون ٻڌائڻ، جشنِ ولادت جون خوشيون ملهائڻ جا طريقا ٻڌائڻ، ٻارن ۽ وڏن ۾ عشقِ مصطفيٰ جي شمع روشن ڪرڻ جي لاءِ بالخصوص مڪتبة المدينه تان شايع ٿيندڙ هنن رسالن جو پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ گھر گھر، دڪان دڪان اهي رسالا پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو، ان شاء الله الڪريم انهن رسالن جي برڪت سان فيضانِ ميلاد خوب عام ٿيندو۔ اچو! ڌيان سان هنن رسالن جا نالا ٻڌو: "صبحِ بهاران، سياه فام غلام، ڀيانڪ اُٺ،