Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

الٰهي عَزَّوَجَلَّ ۽ انهن ملائڪن جا انوار ها جيڪي اهڙين محفلن ۾ حاضر ٿيندا آهن۔ (سيرتِ مصطفٰي ،ص ۷۲-۷۳)

نُوری محفل پہ چادر تنی نُور کی

نُور پھیلا ہوا آج کی رات ہے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مَدِينَۃُالمُنَوَّرَه ۾ روزانو محفِلِ ميلاد     

شيخِ طريقت،امير ِاهلسُنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا ته (منهنجي پير ومرشد) حضرتِ سَيدُنا قطبِ مدينه (مولانا ضياء الدين احمد مدني قادري) رَحْمَةُ الله عَلَيه کي تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان جُنون جي حد تائين عشق هو بلڪ اهو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيه فَنَا فِي الرَّسُول جي منصب تي فائز ها۔ ڏينهن رات ذِڪرِ رسول ڪرڻ ئي سندن مَشغَلو هو۔ اڪثر (روضَي مبارڪ جي) زيارت جي لاءِ اچڻ وارن ماڻهن کان پڇندا ها ته اوهان نعت شريف پڙھندا آهيو؟ جيڪڏهن اهو ها ڪندو هو ته ان کان نعت شريف ٻڌندا ها ۽ گھڻو خوش ٿيندا ها، اڪثر ڪري اکين مان ڳوڙها نڪري پوندا ها ۽ روزانو رات جو آستانَهٔ عاليه تي محفلِ مِيلاد ڪندا ها۔ جنهن ۾ مَدَني، تُرڪي، پاڪستاني، هندي، شامي، مصري، افريقي، سوڊاني ۽ سڄي دُنيا مان ايندڙ زائرين شرڪت ڪندا ها۔ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مون کي به ڪيئي ڀيرا ان مُقدس محفِل ۾ نعت شريف پڙھڻ جو شَرَف حاصِل ٿيو آهي ۽ مون حضرتِ سَيدُنا قطبِ مدينه رَحْمَةُ الله عَلَيه جي محفِل ۾ هڪ خاص ڳالھ اها ڏٺي ته حُضور، اختِتام تي (عاجزي ڪندي) دُعا نه ڪندا ها بلڪ ڪنهن نه ڪنهن محفِل ۾ شريڪ ٿيندڙ کي دُعا جو حڪم ڪندا ها۔ دُعا کان پوءِ روزانو لازِمي لنگر شريف به ٿيندو هو۔ (شرح شجريه قادريه رضويه عطاريه،ص۱۳۱-۱۳۲)