Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

اسان به ان سان خوش ٿيون ٿا

هڪ بزرگ رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا ته ” اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مون کي خـواب ۾ تاجدار رسالت شهنشاهِه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿي ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جي ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند ايندو آهي؟ ارشاد فرمايائون: جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسان به ان کان خوش ٿيندا آهيون. (تذڪرۃُ الواعظِين، ص۶۰۰ )

خدا کی رِضا چاہتے ہیں دو عالَم

خدا چاہتا ہے  رِضائے  محمد

 شعر جي وضاحت: ٻئي جھان خُدا عَزَّوَجَلَّ جي رِضا ۽ خوشنودي جا طلبگار آهن ۽ خُدا عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مَحبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا چاهي ٿو. روزِ محشر ربّ عَزَّوَجَلَّ اوّلين ۽ آخرين کي گڏ ڪري حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندو: ”کُلُّھُمْ يطْلُبُوْنَ رِضَائِي وَاَنَااَطْلُبُ رِضَاک يامُحَمَّدْ“ هي سڀئي منهنجي رضا چاهن ٿا ۽ اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان جي رضا چاهيان ٿو۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

جشنِ ولادت ملهائڻ جو ثواب

 حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالحقّ مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله تعاليٰ انهن کي فضل ۽ ڪرم سان جَنّٰتُ النَّعِيم ۾ داخل فرمائيندو، مسلمان هميشه کان محفلِ ميلاد منعقد ڪندا آيا آهن ۽ ولادت جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيندا، کاڌا پچائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڏيندا آيا آهن خوب خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ دل کولي خرچ ڪندا آهن ۽ سرڪارمدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ با سعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪندا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي