Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

سينگاريندا آهن ۽ انهن تمام سٺن ڪمن جي برڪت سان انهن ماڻهن تي الله تعاليٰ جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي. )مَا ثَبَتَ با السُّنَّۃ، ص ۱۵۵ ملتقطًا)

* سرڪار جي آمد …مرحبا * سردار جي آمد …مرحبا * آمنه جي گل جي آمد …مرحبا * رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا * محبوب جي آمد …مرحبا  *پياري جي آمد …مرحبا * سچي جي آمد …مرحبا * سهڻي جي آمد …مرحبا * محبوب جي آمد …مرحبا * مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي ربيعُ الاول جي مهيني ۾ ميلاد ملهائڻ وارن عاشقان رسول جا نرالا انداز به ٻڌو جو ماڻهو پنهنجي عشق ۽ مَحَبَّت جي جذبي ۾ سرشار ٿي ڪيئن اهتمام سان ان ميلاد جي مهيني کي ملهائيندا آيا آهن، جيئن

بادشاه جو شوقِ مِيلاد

اربل جو بادشاھ ابُو سعيد مظفر رَحْمَةُ الله عَلَيه هر سال ربيعُ الاول ۾ ميلاد شريف وڏي اهتمام سان ڪندو هو، تمام وڏي محفل جو اِنعقاد ڪندو هو۔ انهن محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ واري جو بيان آهي ته ان محفلِ ميلاد ۾ڀُڳل ٻڪرين جون پنج هزار منڍيون ڏٺيون، 10 هزار مرغيون، کيرڻي جا هڪ لک پيالا ۽ حلوي جا 30 هزار طشت ڏٺا، تمام گھڻا عُلماء ۽ صُوفيا محفلِ ميلاد ۾ شرڪت ڪندا ها، بادشاھ (ابُو سعيد مظفر رَحْمَةُ الله عَلَيه) انهن کي قيمتي لباس پارائيندو هو، انعامن سان نوازيندو هو، اهي هر سال محفلِ ميلاد تي ٽي (3) لک دِينار خرچ ڪندا ها، مهمانن جي لاءِ مهمان خانو هوندو هو، اهو هر سال ان گھر ۾ سالانو هڪ لک