Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مِيلاد پاڻ ملهايو!

حضرتِ سَيدُنا ابُوقتاده رَضِى اللّٰه عَنْه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رَسُول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان سومر جي ڏينهن جو روزو (رکڻ) جي باري ۾ پڇيو ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: انهي ڏينهن مان پيدا ٿيس ۽ انهيءَ ڏينهن مون تي قرآن نازل ڪيو ويو (يعني ان ڏينهن پهرين وحي جو نزول ٿيو)۔ (مشڪاۃالمصابيح،ڪتاب الصوم،باب صيام التطوع ، ۱/۵۶۳، حديث ۲۰۴۵)

هڪ ٻي روايت ٻڌو جنهن ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي وِلادت جو تذڪرو ڪندي صحابَه ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان کي ارشاد فرمايو: مان هاڻي توهان کي ٻڌائيندس ته منهنجي اِبتدا ڇا آهي۔ حضرتِ سَيدُنا ابراهيم عَلَيه السَّلام جي دُعا، حضرتِ سَيدُنا عيسٰي عَلَيه السَّلام جي بشارت ۽ منهنجي امڙ رَضِى اللّٰه عَنْها جو خواب جيڪو انهن منهنجي ولادت جي وقت ڏٺو هو، منهنجي پيدائش جي وقت هڪ نُور منهنجي والِدَه محترمه رَضِى اللّٰه عَنْها جي لاءِ ظاهر ٿيو جنهن سان ملڪِ شام جا محل سندن اڳيان روشن ٿي ويا۔ (ماثَبَتَ بالسنۃ،ذڪر شھر ربيع الاول ،ص۱۳۷ )

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

صحابَه ڪرام به يومِ مِيلاد ملهايو    

                        پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ قرآنِ پاڪ ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جو ذڪر فرمايو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪمالات کي بيان فرمايو ۽ پاڻ سرڪارصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي وِلادتِ مُبارَڪه جا تذڪرو ڪيو، اهڙي طرح صحابَه ڪرامعَلَيهِمُ الّرِضْوَان به پنهنجن پنهنجن محفلن ۾ حُضُورِ اڪرم، شهنشاه اُمم، محبوبِ ربِّ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جا خُوب خُوب چرچا ڪيا۔ جيئن