Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

پوڙهو پوڄاري، نور وارو چهرو، نور جو رانديڪو، عاشقِ ميلاد بادشاھ، ربيع الاول جون خوبيون" وغيره۔

رسالن جو مختصر تعارف

صبحِ بهاران: نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد مبارڪ تي خوشي ملهائڻ، گھرن کي سجائڻ، محفلن ۽ اجتماعن جو انعقاد، جلوسِ ميلاد، صدقو ۽ خيرات مسلمانن ۾ رائج آهي۔ انهن معمولاتِ اهلِسنّت جي دليلن ۽ فضيلتن کي آسان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ ربيع الاوّل (خاص ڪري اجتماعِ ميلاد ۽ جلوسِ ميلاد بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطن) جي باري ۾ اميرِ اهلِ سنّت جو مڪتوب به شامل آهي۔جشنِ ولادت ملهائڻ جون نيتون به ڏنيون ويون آهن۔

سياھ فام غلام: نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معجزات تي مشتمل مختصر ۽ جامع رسالو جنهن ۾ رسول ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت، بي مثال بشريت ۽ والدينِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ايمان بابت دليل بيان ڪيا ويا آهن۔

ڀيانڪ اُٺ: هن رسالي ۾ تبليغِ دين جي خاطر پياري مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قربانين جو تذڪرو آهي۔ نبوت جي اعلان کان بعد ايندڙ آزمائشن ۽ نيڪي جي دعوت جي فضيلتن تي مشتمل هن  رسالي ۾ مبلّغن ۽ عاشقانِ رسول جي لاءِ سکڻ لاءِ ڪيئي مدني گل آهن۔

پوڙهو پوڄاري: هن رسالي ۾ نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان پهريان دنيا جي حالت جو بيان ۽ رحمت عالم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ مبارڪه جو تذڪرو آهي۔

نور وارو چهرو: ٻارڙن لاءِ سچّي آکاڻين تي مشتمل رسالن مان هڪ رِسالو ”نور وارو چهرو“ به آهي۔ هن رسالي ۾ نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ جي ايمان افروز واقعن سان گڏوگڏ رسول اڪرم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي