Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat

عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه هر ڇنڇر جي ڏينهن بعد نماز عشاء مدني چينل تي Live (براه راست) مدني مذاڪرو ڪندا آهن يعني سڄي دُنيا مان عاشقانِ رسول جي طرفان پڇيل سوالن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن۔ الحمد لله! مدني مذاڪرو عِلمِ دين سکڻ جو بهترين ۽ آسان ترين ذريعو آهي، اوهان به ڪوشش ڪري هر ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات بعد نمازِ عشاء مدني چينل تي ۽ جيڪي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي پهچي سگھن ٿا اهي اتي وڃي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻائن، هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله الڪرِيم! عِلمِ دين سکڻ، عَمَل جو جذبو وڌائڻ ۽ قبر و آخرت جي تياري جو ڀرپور ذهن بڻجندو۔

ميلاد (ربيع الاول) واري مهيني جي مدني مذاڪرن جي ڇا ڳالھ ڪجي، مرحبا يا مصطفيٰ جون ڌُومون مچائيندڙ جلوسِ ميلاد جا روح کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ سان گڏوگڏ جشنِ ولادت بابت پڇيل سوالن جا عشقِ رسول سان  مالا مال جواب ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن،  الله پاڪ اسان سڀني کي انهن مدني مذاڪرن جو فيضان نصيب فرمائي۔

عِلم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

واه ڪينٽ (ضلعو راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي : نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره ٻُڌي مست رهڻ منهنجو روزانو جو ڪم هو،  افسوس! مان سُنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هئس، منهنجي گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ روشني هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي، ان مون کي سمجھائيندي اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، ان جي مٺي انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دِل کي وڻي وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿيس، هاڻ منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيان ۽ رِقَّت انگيز دُعائن منهنجي دِل واري دنيا ئي بدلي ڇڏي، وڌيڪ ڪرم اهو ٿيو جو