Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

چيو: اي ڀاءَ! اوهان اسان جي نيڪي جو ذِڪر ڪيو ها، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اسان جي جان نثارين جو تذڪرو ڪيو ها، اوهان اسان جي ماضِي جو احوال ڇو دُهرايو؟ حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه فرمايو: مون سچ ڳالهايو ۽ انهيء سچ جي بدولت توهان جو رشتو طَئي ٿيو۔ (تَذْکِرَہ حَمْدُونیہ، باب:8 صِدْق و کِذْب کا بیان، جلد:3، صفحہ:78)

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: سچ ڳالهائڻ سان ڪم بگڙن نٿا، بلڪه ٺهن ٿا، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ سان ڪم ٺهن نٿا، الٽو بگڙجن ٿا۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

(7): قيامت جي ڏينهن بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو شان  

هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو تذڪرو فرمائي رهيا هئا، قيامت جي ڏينهن انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو شان ڇا هوندو، اهو موضوع هو، هن سلسلي ۾ غيبن تي خبردار نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حضرت صالِح عَلَيه السَّلَام روزِ قيامت پنهنجي ڏاچي تي سُوار هوندا، مان بُراق تي سُوار ٿي ايندس، پوءِ پاڻ حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ڏانهن نگاھ ڪندي فرمايائون: بِلال جو اهو شان هوندو جو جنّتي ڏاچي تي سُوار هوندا، اذان پڙھندي ميدانِ حشر ۾ ايندا، بِلال جي اذان جو آواز سڀئي ٻڌندا، ان وقت انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جون نِگاهون به بلال تي هونديون، جڏهن بِلال اذان مڪمل ڪندا ته انهن کي جنّتي لباس پارايو ويندو ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۽ شُهداء کان بعد بِلال پهريان شخص هوندا جن کي جنّتي لباس ملندو۔ (تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:459تا460)

ڇا شان آهي، منهنجي آقا حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو! اهو آهي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي دِين تي استقامت جو انعام۔

بے دام ہی بِکْ جائیے بازارِ نبی میں                   اس شان کے سودے میں خسارے نہیں ہوتے