Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنه جو مختصر تعارُف

پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا اوهان کي معلوم آهي؟ اهو عظيم عاشِقِ رسول ڪير هو؟ جي ها! اهو ٻيو نه، بلڪه اسان غُلامن جا سردار، هر عاشِقِ رسول جي اکين جا ٺار، مشهور عاشِقِ رسول، مُؤَذِّنِ رسول حضرت سَيدُنا بلال حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه هئا۔

کیا کیا ستم نہ ڈھائے تھے تجھ پر اُمَیَّہ نے               اقرارِ حق سے پھسلی نہ تیری زباں بلال

مکہ اَحَد اَحَد کی صداؤں سے گونج اٹھا                       خورشیدِ انقلاب تھا تیرا بیاں بلال

بُوبکر نے خرید کے ایسے بڑھائے دام                 دولت اگر زمیں ہے تُو آسماں بلال

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مشهور صحابيءِ رَسُول آهن، سندن مبارڪ نالو: بِلال ۽ لقب آهي: مُؤَذِّنِ رَسُول۔ بلڪ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين ”سَیِّدُ الْمُؤَذِّنِیْن (يعني تمام آذان ڏيندڙن جو سردار)“ جو خطاب ڏنو۔ (سیر اعلام النبلاء، جلد:3، صفحہ:220) حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه بابت عام طَور تي اهو سمجھيو ويندو آهي ته پاڻ رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو رنگ مبارڪ تمام گھڻو ڪارو هو بلڪ بعض ماڻهو جڏهن سندن حُليو مبارڪ بيان ڪندا آهن ته مَعَاذَ الله! هڪ وحشت ناڪ ماحول بڻائيندا آهن، الله پاڪ بي ادبي کان محفوظ رکي! اهو دُرست ناهي، حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو رنگ مبارڪ گندمي (سانورو) هو، عالم سڳورن پاڻ رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو حليو مبارڪ بيان ڪندي لکيو هو: کَانَ شَدِیْدُ الْاَدِمَۃِ حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو رنگ مبارڪ گھڻو سانورو هو، (معرفۃ الصحابہ لابی نعیم، جلد:1، صفحہ:333) يعني جيئن ڪڻڪ جو داڻو ٿيندو آهي، ان کي ٿورو ڪاراڻ مائل ڪجي ته جيئن اهو رنگ ٿيندو، حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو رنگ مبارڪ به ان انداز جو هو۔ پاڪ و هند ۾ عام طور ماڻهن جو رنگ سانورو ٿيندو آهي۔

اسلام کا جمال ہے تیرے جمال سے                  سیرت تری ہے دِین کی اک ترجماں بلال