Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اوقاتِ نماز(prayer Times) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”اوقاتِ نماز“ (prayer Times) جاري ڪئي آهي۔ * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جا اوقات ۽ قبلي جو رُخ معلوم ڪري سگھجي ٿو۔ * ان کان علاوه پنج ئي نمازن جي وقت جو ماهوارانه ٽائم ٽيبل، اذڪار (روحاني علاج)، مدني چينل ريڊيو، نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ تَمَسَّكَ بِسُنَّتِيْ عِنْدَ فَسَادِ اُمَّتِيْ فَلَهُ اَجْرُ مِائَةِ شَهِيْدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سؤ شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔

 (زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207)

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                  یارب  تو  مبلغ  مجھے  سُنّت  کا  بنا  دے

(وسائل بخشش، صفحہ:115)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد