Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مُؤذِّنِ رسول حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي شان ۽   عظمت جو بيان ٻڌو، هاڻي اچو! آخر ۾ حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي اذان بابت هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا:

(8):حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي هڪ ايمان افروز آذان

جڏهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا مان ظاهري پردو فرمايو ته صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان تي ڄڻ قيامت اچي وئي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان غم مان بي حال ٿي ويا، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کي به وِصَالِ مصطفيٰ جو گھڻو صدمو ٿيو۔

حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه هونئن به ”مُؤذِّنِ رسول“ آهن، مؤذِّن ۽ امام جو پاڻ ۾ جُدا قِسم جو ئي تعلق هوندو آهي، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ رهندا هئا، هاڻي جڏهن محبوب آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا مان ظاهري پردو فرمايو ته حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي لاءِ جيئڻ ڏکيو ٿي ويو، اهي گھٽيون جتان حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا، انهن گھٽين مان لنگھندي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو هنيائون ڦاٽڻ لڳي ٿو، جڏهن حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُرڪندا هئا ته مديني پاڪ جي در و دِيوار تي نُور جا شُعَاع پوندا هئا، هاڻي انهن ديوارن کي ڏسي ڏسي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد ستائيندي آهي۔

گلیاں سُنْجِیَاں دِسَّن مینوں، وَیْڑا کھاوَن آوے        غُلام فریدا! اوتھے کی وَسْنا جتھے ماہِی نظر نہ آوے

 وضاحت: گھٽيون ويران  نظر اچن پيون، گھر ۾ به دِل نٿي لڳي، اي غُلام فريد! اتي جيئڻ ڇا جو جتي محبوب ئي نظر نه اچي۔

هاڻي مديني پاڪ جي انهن گھٽين ۾ زِندگي گذارڻ دُشوار هو، ان ڪري حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مُلڪ شام هليا ويا، پر افسوس! حُضُور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ