Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو هڪ زبردست ۽ پنهنجي موضوع تي ناياب ڪتاب آهي: کُفْرِیَہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب۔ اُردو زبان ۾ هن موضوع تي ايترو تفصيلي ڪتاب ملڻ گھڻو ڏکيو آهي۔ اهو ڪتاب هر گھر بلڪه هر فرد جي ضرورت آهي۔ صرف 675 صفحا آهن ۽ هن ۾ ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ عمده معلومات آهي، جيڪو پڙهندو ان کي خبر پوندي۔ اڄ ئي مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي اهو ڪتاب طلب ڪريو، چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(3):قرآنِ پاڪ ۾ حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو شان

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بِلال حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه امتحانن مان گذريا، پوءِ آزادي جي نعمت نصيب ٿي ته بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي ويا، هاڻي هو جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضِر رهندا هئا، اهڙي طرح ٻيا اهي صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان جيڪي پهريان غُلامي جي زندگي گذاري چڪا هئا، مثال طور حضرت صُهيب رُومي، حضرت خَبَّاب رَضِىَ اللّهُ عَنۡهما، اهي بارگاھ رسالت ۾ حاضِر رهندا هئا، هڪ ڏينهن ڪافرن چيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي بارگاھ ۾ غريب ماڻهو ويٺا آهن، اسان کي هنن سان گڏ ويهندي شرم اچي ٿو،  جيڪر اوهان هنن غريبن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو ته اسان اوهان تي ايمان آڻينداسين ۽ اوهان جي خِدمت ۾ حاضِر رهنداسين۔ هن تي حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ۽ ٻين غريب صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان جي شان ۾ اها آيت سڳوري نازِل ٿي، (تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:447تا448) الله پاڪ فرمايو:

وَ لَا تَطْرُدِ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗؕ-  (پاره7،سورۃالانعام:52)

ترجموڪنزالايمان: ۽ انهن کي پري نه ڪر جيڪي پنهنجي ربّ کي پڪاريندا آهن صبح ۽ شام سندس رضا طلب ڪندي.