Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

بِلال ته اچي ويا، اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ڪڏهن تشريف فرما ٿيندا؟

  حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه اذان ڏئي رهيا هئا، مديني پاڪ ۾ قيامت جو منظر هو، جڏهن حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه پڙھيو: اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا رَسُوْلُ اللہ نگاھ نوراني منبر تي پئي، منبر خالي هو، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپڻ لڳا، دِل بي قابُو ٿي وئي ۽ شِدَّتِ غم سان غَش کائي زمين تي تشريف وٺي آيا۔ (سیر اعلام النبلاء، جلد:3، صفحہ:222، زُلف زنجیر، صفحہ:74تا77)

تمہارے ہجر میں کیوں زندگی نہ مشکل ہو               تم ہی جگر ہو، تم ہی جان ہو، تم ہی دِل ہو

دِل ہجر کے درد سے بوجھل ہے، اب آن ملو تو بہتر ہو

اس بات سے ہم کو کیا مطلب، یہ کیسے ہو! یہ کیوں کر ہو!

  اي عاشقانِ رسول! اهي عشقِ رسول جون ڪيفيتون آهن، الله پاڪ اسان کي به سَوزِ بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مان حِصّو نصيب فرمائي. پنهنجي دِل ۾ عشقِ رسول کي وڌايو! عشقِ رسول جي شمع کي وڌيڪ روشن ڪريو، * درودِ پاڪ پڙھو! * سُنتن تي هلو! * تِلاوتِ قرآن جي عادَت بڻايو! * رات جو تنهائي ۾ ويهي، گنبدِ خضراء جو تصور ڪري سوز ڀريون نعتون ٻڌو! * سيرتِ مصطفيٰ (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي لکيل ڪتاب پڙھو! * صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي سيرت پڙھو! * اولياءِ ڪرام جي سيرت خاص ڪري انهن جي عشق رسول واريون ڪيفيتون پڙھو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِل ۾ عشق رسول جي شمع روشن ٿيندي۔

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ رهڻ به عشق رسول وڌائڻ جو هڪ طريقو آهي، لهٰذا عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب