Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪري وٺو! هن سان ثواب وڌي ويندو آهي. بيان ڪرڻ کان پهريان به سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔  

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(1): هڪ غُلام جي قبولِ اسلام جي ايمان افروز حڪايت

پيارا اسلامي ڀائرو! دِينِ اسلام جو ابتدائي دَور، جڏهن اسان جي پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبوت جو اعلان فرمايو، اهو دَور سخت آزمائش جو دَور هو، مسلمانن تي ظُلم ۽ ستم جاري هو، انهن کي ستايو پئي ويو، مڪي جا ڪافر اِسلام جي مخالفت ۾سڀئي هڪ پاسي گڏ هئا، ان دَور ۾ هڪ وقت اهو به آيو جو جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي يارِ غار حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللّهُ عَنه سان گڏ هڪ غار ۾ ويا۔

ان ڏهاڙن جي ڳالھ آهي، الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غار ۾ تشريف فرما هئا، هڪ ڏينهن مَڪه مُڪرَّمه جي هڪ وڏي ڪافِر عبد الله بِن جُدعان جو هڪ غُلام ٻڪريون چاريندي ان غار ڏانهن اچي نڪتو۔ محبوبِ خُدا، سردارِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڏسي سڏي فرمايائون: یَا رَاعِی ہَلْ مِنْ لَبَنٍ اي ٻڪريون چاريندڙ! توهان وٽ ڪجھ کير آهي؟ غُلام عرض ڪيو: جي ها! هڪ