Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

”جانورن تي رحم ڪرڻ“سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1) توهان هنن بي زبان جانورن جي باري ۾ الله پاڪ کان ڊڄو، انهن تي ان وقت سوار ٿيو جڏهن اهي سٺي حالت ۾ هجن ۽ چڱي طرح انهن کي کارايو۔ (ابوداؤد، کتاب:جہاد، صفحہ:408، حدیث:2548) (2) هر ذي روح تي شفقت جو اجر ملي ٿو۔ (بخاری، کتاب :مظالم وغصب صفحہ:635، حدیث:2466)

اي عاشقانِ رسول! جانورن تي رحم ڪرڻ سُنّت مصطفيٰ آهي * رحمتِ عالم نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن تي به وڏي شفقت ڪندا هئا * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن جو فرياد ٻڌندا هئا ۽ انهن جي مدد ڪندا هئا * هڪ ڀيري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ اُٺ جي فرياد تي ان جي مالڪ کي فرمايو: توهان هن کي بکايل رکو ٿا ۽ ڪم گھڻو وٺو ٿا۔ (ابوداؤد، کتاب:جہاد، صفحہ:408، حدیث:2549 خلاصۃً) * جيڪڏهن ڪو جانورن کي تڪليف ڏيندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان ناراض ٿيندا هئا * رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ، انهن کي ٻڌي مارڻ، ۽ ان جو مُثلو ڪرڻ (يعني چهرو بگاڙڻ) کان منع ڪندا هئا۔ (سیرت رسول عربی، صفحہ:332تا 335ملتقطاً)

ہرن نے، اونٹ نے، چڑیوں نے کی یہی فریاد                     کہ ان کے غم کا مداوا حضور جانتے ہیں

الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي جانورن تي شفقت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔          اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد