Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول ! غور فرمايو! اهو آهي اُن پاڪيزه ماڻهن جو شان جيڪي ڪڏهن غُلام هوندا هئا، جن کي ڪافِر طرح طرح جون سزائون ڏيندا هئا، جن جو دُنيا ۾ ڪو والي نه هو، انهن کي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دامَنِ رحمت ۾ جاءِ ڏني ته انهن جي شان جا قصيدا قرآنِ ڪريم ۾ نازِل ٿيڻ لڳا ۽ اهي قيامت تائين ايندڙ مسلمانن جا سردار سڏيا ويا۔

بےدام ہی بِک جائیے بازارِ نبی میں              اس شان کے سودے میں خسارے نہیں ہوتے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(4): آقا جنت ۾ حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو آواز ٻڌو

معراج جي حديثن ۾ آهي، پياري آقا، مِعراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مِعراج جي رات جڏهن مان جنّت ۾ داخِل ٿيس ته مون پنهنجي اڳيان هڪ آواز ٻُڌو، ٻڌايو ويو: اهو بِلال آهي۔ (مُسْنَدِ امام احمد، جلد:2، صفحہ:144، حدیث:2366)

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو۔ پاڻ ايمان قبول ڪيائون، تڪليفون آيون، ظُلم ۽ ستم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، پر پاڻ ثابت قدم رهيا، دِينِ اسلام کان منهن نه موڙيائون ته هاڻي ڏسو! ڪهڙا ڪهڙا انعام ملي رهيا آهن۔

بےدام ہی بِک جائیے بازار نبی میں                   اس شان کے سودے میں خسارے نہیں ہوتے

(5): بِلال ڪڏهن ڪوڙ  ناهن ڳالهائيندا

هڪ ڏينهن حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت بِلالِ حبشيرَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي گھر آيا۔

سُبْحٰنَ اللہ! اها به ڪيتري عِزَّت افزائي آهي، ٻنهي جھانن جا آقا، ملائڪ جن