Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه سابِقُ الاِسلام آهن، سندن اسلام جي ابتدائي ۾ ايمان قبول ڪيو هو، غُلامي مان آزادي نصيب ٿيڻ کان بعد کان وٺي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصَالِ ظاهري تائين حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه بارگاھ رسالت ۾ حاضِر رهيا، حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مُؤذِّنِ رسول به آهن ۽ خازِنِ مصطفيٰ به آهن، يعني رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مالي مُعَاملات جي سار سنڀار جي ذِمّيداري حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کي عطا ڪئي هئي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصالِ ظاهري کان بعد حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مُلڪ شام هليا ويا ۽ آخري پساھن تائين اتي رهيا، پاڻ رَضِىَ اللّهُ عَنۡه سن 20 هجري تي هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو فرمايو۔ سندن مزار مبارڪ مُلڪ شام ۾ آهي۔ (اُسد الغابہ، جلد:1، صفحہ:415و416، ملتقطاً)

جاہ و جلال دَو نہ ہی مال و مَنَال دَو                   سوزِ بلال بَس میری جھولی میں ڈال دو

دُنیا کے سارے غم میرے دِل سے نکال دو           غم اپنا یاحبیب بَرائے بِلال دو

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:305)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دِين تي استقامت

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو ته اسان جي آقا حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللّهُ عَنۡه اِيمان تي ڪيتري قدر مضبوط هئا، کين تڪليفون آيون، ظُلم ۽ سِتَم ڪيو ويو پر پاڻ دِين تي ثابِت قدم رهيا، باطِل جي سامهون ڪنڌ نه جھڪايائون۔

ڪاش! اسان کي به دِين تي، اسلام تي، ايمان تي استقامت ملي، ڪاش! پنهنجي اِيمان جي حِفَاظت جي سوچ حقيقي معني ۾ نصيب ٿي وڃي۔ افسوس! هن دَور ۾ ايمان بچائڻ سخت دُشوار ٿي ويو آهي، عِلمِ دين جي اهڙي ڪمي آهي جو الله جي پناھ...! * ڪيترا اهڙا آهن جيڪي گانا ڳائن پيا، گانا ٻڌن پيا،