Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

گُنَاھ آهي، ڪوڙ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ڪوڙ مسلمانن جو نه بلڪه منافقن جو طريقو آهي۔ افسوس! هاڻي اسان وٽ اهڙا نادان پڻ آهن، جيڪي چون ٿا: ادا سچ جو ته زمانو ئي ناهي، ڪوڙ جي بغير ته ڪم ئي نٿو هلي۔

اها دعويٰ ڪيتري حد تائين دُرُست آهي، اچو! هن باري ۾ به حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ مان رهنمائي وٺون ٿا۔

(6): سچ ئي تنهنجو ڪم ٺاهيو آهي

حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو هڪ ڀاءُ هو، ڪن ڪتابن ۾ ان جو نالو خالِد لکيل آهي۔ ان جو نِڪاح ڪرڻو هو، حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ان کي گڏ وٺي هڪ قبيلي ۾ ويا۔

هاڻي ڏسو! اسان وٽ به رشتا ڪيا ويندا آهن پر حال ڇا هوندو آهي؟ بناوٽ اختيار ڪئي ويندي آهي، ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، ڇوڪريءَ جا مائٽ ڇوڪريءَ جي ڪوڙي واکاڻ ڪندا آهن، ڇوڪري وارا ڇوڪري جي ڪوڙي تعريف ڪندا آهن، پوءِ جڏهن رشتو طئي ٿي ويندو آهي، شادِي کان بعد ڪوڙ جي خبر پوندي آهي ته جھيڙا جھڳڙا شروع ٿيندا آهن ايستائين جو طلاق تائين نوبت پهچندي آهي. حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جو پاڪيزه انداز ڏسو! پاڻ رشتو وٺڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ وارن وٽ ويا، فرمايائون: توهان اسان کي سڃاڻو ٿا، هي منهنجو ڀاءُ آهي، اسان پهريان غُلام هئاسين، الله پاڪ آزادي عطا فرمائي، اسان گمراهي ۾ هئاسين، الله پاڪ پنهنجي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذريعي اسان کي هدايت عطا فرمائي، اسان غريب هئاسين، الله پاڪ اسان کي غني ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي نياڻي جو رشتو ڏيڻ پسند ڪيو ته الحمد لله! نه پسند ڪيو، تڏهن به ڪو حرج ناهي۔

حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي پيش ڪش ٻُڌي ڇوڪريءَ جي مائٽن يڪدم رشتو منظور ڪيو۔ پوءِ جڏهن حضرت بلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه واپس موٽي رهيا هئا، واٽ تي ڀاءُ