Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

اي عاشقانِ رسول! اڃا ته اهو صِرف هجر و فراق آهي، اڃا ته صِرف محبوب کان دُوري آهي۔ ”اڃا عشق جو امتحان ٻيو به آهي۔“ ڪنهن شاعِر چيو آهي:

یہ عشق نہیں آساں، اتنا ہی سمجھ لیجئے        اِک آگ کا دریا ہے اور ڈوب کے جانا ہے

 محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عشق ڪرڻ آسان ڳالھ ناهي، امتحان ورتو ويندو آهي، سخت آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهو عظيم عاشِقِ رسول جنهن چهرهءِ مصطفيٰ کي هڪ نظر ڏسي ايمان آندو هو، عاشِق بڻجي ويو هو، هاڻي ان جو به امتحان ٿيڻو هو۔

تنهنڪري امتحان جا ڏينهن ايئن شروع ٿيا، هڪ ڏينهن اهو عاشقِ رسول حرمِ پاڪ ۾ ويو، اتي ڪجھ ڪافِر به مَوجُود هئا پر ان جي نگاھ نه پئي، هو سمجھيو ته مان اڪيلو آهيان، اتي ڪافِرن جا ڪوڙا خُدا رکيل هئا، انهن کي ڏسي اِيماني جذبو جوش ۾ آيو ۽ ان عاشِقِ رسول ڪوڙن خُدائن تي ٿُڪ اڇلائي چيائين: اهو نامراد آهي جيڪو توهان جي عبادت ڪري ٿو۔

  هو ته سمجھي رهيو هو ته مان اڪيلو آهيان، ان ڪري اهو ڪم ڪيائين پر جڏهن ڪافِرن کي ڏٺائين ته جلدي جلدي اتان کان نڪري ويو، ڪافِر سڄو مُعَاملو ڏسي چڪا هئا، اهي به پٺيان آيا، عبد الله بِن جُدعان (جيڪو ان عاشِقِ رسول جو دُنياوي مالِڪ هو ۽ وڏو ڪافِر هو) جي گھر پهتا، ان کي سڄي ماجرا ٻڌائي ته ان بدبخت ڪافِر پنهنجي غُلام (يعني حقيقي عاشِق رسول) جو هٿ ابوجهل ۽ اُمَّيه بِن خلف جي هٿ ۾ ڏئي چيو: اهو هاڻي توهان جو غلام آهي، هن سان جيڪو وڻيوَ  ڪيو۔

(2): ظُلم و ستم جي دِل ڏڪائيندڙ داستان

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ٿورو دِل سنڀالي ظُلم ۽ سِتَم جي دِل ڏڪائيندڙ داستان ٻڌو ۽ ڏسو اسان جي اسلاف ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون ڏسي اهو دِين