Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

مُطَابق، حديثِ رسول جي مطابق، پنهنجي بزرگن جي سيرت مان رهنمائي وٺندي ”غلاميءِ مصطفيٰ“ جو ڀرپُور اِظهار ڪري سگھون۔ هن آزادي جي لاءِ اسان پاڪستان حاصِل ڪيو هو۔

اِقبال جي نظر  ۾ آزادي جو مطلب

 جڏهن ڊاڪٽر اقبال ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، ان تي ڪافِرن ۽ بعض نام نهاد مسلمانن گھڻو هُل هنگامو ڪيو، جنهن تي ٻنهي طرفان باقاعده تحريري ۽ تقريري بحث به ٿيندو رهيو، ان وقت ڊاڪٽر اقبال هڪ رُباعي لکي([1]) ان جي آخري شعر ۾ ڊاڪٽر اقبال چيو:

بمصطفےٰ بَرَسَاں خَویْش رَا کہ دِیْں ہَمَہ اُوسْت             اَگَر بَہ اُوْ نَہ رَسِیْدِی تَمَا بُوْلَہَبِی  اسْت([2])

وضاحت: يعني پاڻ کي ڇڪي پنهنجي آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن ۾ ڪيرائي ڇڏيو، اها ئي غُلامي اَصل دين آهي، جيڪڏهن اها غُلامي نه ڪري سگھو ته اها دِين داري ناهي، بلڪه اَبُولهب ڪافِر جي پيروي آهي۔

اها آهي آزادي۔ پاڻ کي ڇڪي مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن ۾ ڪيرائڻ، پنهنجي مرضي، پنهنجي خواهش، پنهنجي تمنا سڀ ڪجھ فنا ڪري سچي دل سان غلاميءِ مصطفيٰ اختيار ڪرڻ، اها اَصل آزادي آهي، انهيء آزادي جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو ويو پر ڇا اسان اها غُلامي ڪري رهيا آهيون؟ افسوس! 74 سال گذري ويا، اسان اها غُلامي نه ڪئي، اُلٽو اسان آزادي جو مفهوم ئي بدلي ڇڏيو، اسان ڇڙواڳي کي آزادي سمجھي ورتو، اسان بي لگام ٿيڻ کي آزادي سمجھي ورتو، عرياني جو، فحاشي جو، فيشن پرستي جو نالو آزادي رکي ڇڏيو۔ اها هر گز آزادي نه آهي،


 

 



[1]...تحریکِ پاکستان میں علماءِ کرام کا کردار، صفحہ:204خلاصۃً۔

[2]...کلیاتِ اقبال، ارمغانِ حجاز، حسین احمد، صفحہ:754۔