Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

ڪئي وئي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ ضُرِبَتْ عَلَیْهِمُ الذِّلَّةُ وَ الْمَسْكَنَةُۗ-وَ بَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِؕ    (پاره1،سورۃالبقرۃ:61)                     

ترجموڪنزالايمان: ۽ انهن تي خواري ۽ سُڃائي(حرص جي ڪثرت) مقرر ڪئي وئي ۽ خدا جي ڏمر ۾ موٽيا.

بني اسرائيل تي اها ذِلّت ڇو مُسَلَّط ڪئي وئي، انهن تي الله پاڪ جو غضب ڇو ٿيو، ان جو سبب به الله پاڪ گڏوگڏ بيان فرمائي ڇڏيو، ارشاد ٿئي ٿو:

ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ۠(۶۱)  (پاره1،سورۃالبقرۃ:61)                         

ترجموڪنزالايمان: انهن جي بي فرمانين ۽ حد کان لنگهڻ جو بدلو هو.

جو کچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کرتوت

شکوہ ہے زمانے کا نہ قسمت سے گلہ ہے

دیکھے ہیں یہ دِن اپنی ہی غفلت کی بدولت

سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پاڪستان ۽ تحريڪِ آزادي جي مختصر تاريخ

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻن ڏينهن کان بعد اسان جو به يومِ آزادي وارو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اسان جو پيارو مُلڪ ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ 14 آگسٽ، 1947ء تي آزاد ٿيو يعني اسان کي آزادي جي نعمت نصيب ٿيندي 74