Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

تحريڪ پاڪستان ۽ علماءِ اهلسنت

ان وقت تائين اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دُنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا هئا، البت اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ تنظيم ٺاهي هئي۔ اها تنظيم اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هونهار شاگردن، ماهر عُلَماءِ اهلسنت تي مشتمل هئي، هن تنظيم تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپُور حصو ورتو۔([1]) *  صَدرُ الاَفَاضِل مولانا نعيم الدين مراد آبادي * مفتي احمد يار خان نعيمي * خليفه اعليٰ حضرت مولانا عبد العليم ميرٺي * مولانا شاھ احمد نوراني، سندن والِد، سندن چاچو وغيره * مولانا ديدار علي شاھ * محدثِ اعظم هند محدث ڪڇوڇوي * مُحَدِّث علي پُوري * اَبُو الحَسَنات سيد احمد قادري * عَلَّامه عبد الغفور هزاروي * عَلّامه عبد الستار خان نيازي * خواجه قمر الدين سيالوي * پير جماعت علي شاھ * عَلّامه سيد احمد سعيد ڪاظمي * پير صاحب مانڪي شريف، * پير صاحب زڪوڙي شريف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اَجمَعِين ۽ ان جي علاوه سوين عُلما و مَشَائِخِ اهلسنت تحريڪ پاڪستان ۾ خوب حِصو ورتو، بَرِّصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقريرون ٿيڻ لڳيون، نظمون پڙهيون ويون، مسلمانن جي دِلين ۾ پاڪستان جي محبت وڌي وئي بلڪه عُلَماءِ اهلسنت جي باري ۾ ته ڪتابن ۾ اهو تائين پڻ لکيو ويو آهي ته 1946 ۾ جڏهن تحريڪ پاڪستان پنهنجي آخري مرحِلي تي هئي، ان وقت عالم سڳورن گھر گھر وڃي به دعوتون ڏنيون ۽ مسلمانن ۾ تحريڪ پاڪستان جي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي محبت بيدار ڪئي۔([2]) خليفه اعليٰ حضرت مولانا عبد العليم ميرٺي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قائِدِ اعظم محمد علي جناح جا باقاعِده ساٿي هئا، قائِدِ اعظم انهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ سَفِير بڻائي موڪليو، عبد العليم ميرٺي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻين ملڪن ۾ وڃي پاڪستان جو نظريو ۽ تحريڪ


 

 



[1]...تحریکِ پاکستان میں علماءِ کرام کا کردار، صفحہ:202۔

[2]...تحریکِ پاکستان میں علماءِ کرام کا کردار، صفحہ:211تا212 ۔