Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

اہلسنت و الجماعت کی مقاصد سے لگن                رنگ کیسے لے نہ آتی، کیوں نے مل جاتا وطن

سینکڑوں پیروں، ہزاروں عالموں کی دوڑ دھوپ      تھی نتیجہ خیر، ہم نے لے لیا اپنا وطن

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

آزادي کان بعد اسان جو حال

 اي عاشقانِ رسول! هي آهي اسان جي مُلڪ جي آزادي جو مختصر داستان۔ اسان کي آزادي جي نعمت حاصِل ٿيندي 74 سال ٿيڻ وارا آهن، هاڻي اسان بني اسرائيل سان پنهنجي ڀيٽ ڪيون ٿا * بني اسرائيل کي فِرعَون کان آزادي ملي، اسان کي ڪافِر حڪومتن کان آزادي نصيب ٿي * بني اسرائيل جا نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام آهن، اسان جا نبي اَحمد مجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن * بني اسرائيل کي ڪتاب مليو: تورات شريف۔ اسان وٽ الله پاڪ جو ڪتاب قرآنِ ڪريم آهي۔

بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي نافرماني ڪئي، تورات جي اَحڪامن تي عمل نه ڪيو، الله پاڪ جا نافرمان ٿيا، آزادي جي نعمت جو شڪر ادا نه ڪيو، انجام ڇا ٿيو؟

وَ ضُرِبَتْ عَلَیْهِمُ الذِّلَّةُ وَ الْمَسْكَنَةُۗ-وَ بَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِؕ     (پاره1،سورۃالبقرۃ:61)                                       

ترجموڪنزالايمان: ۽ انهن تي خواري ۽ سُڃائي(حرص جي ڪثرت) مقرر ڪئي وئي ۽ خدا جي ڏمر ۾ موٽيا.

هاڻي هر ڪو پنهنجي باري ۾ غور ڪري! اسان قرآنِ ڪريم تي ڪيترو عمل ڪيون ٿا؟ اسان پنهنجي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪيترا فرمانبردار آهيون؟ اسان نمازون ڪيتريون پڙھون ٿا؟ اسان ڪيترا