Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

یاخُدا پاک وطن کی تُو حفاظت فرما                      فضل کر اس پہ سدا سایۂ رحمت فرما

اس کو تُو قلعۂ اسلام بنا دے یارَبّ                  مرے پیارے وَطنِ پاک پہ رحمت فرما

آج ہے امن وطن کا مرے پارہ پارہ              پھر مہیا مرے مولٰی! اسے راحت فرما

ہائے بدمست گناہوں میں ہوئے اہلِ وطن     یاخُدا سب کو عطا نیک ہدایت فرما

بچہ بچہ ہو نمازی مرے پاکستاں کا                    اور عطا جذبۂ پابندئ سُنت فرما

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                  صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي به جشنِ آزادي ملهائيندي آهي، پر دعوتِ اسلامي جو انداز نِرالو آهي، الحمد لله! جشنِ آزادي جي موقعي تي مدني قافلا سَفَر ڪندا آهن، هزارين عاشقانِ رسول مدني قافلن ۾ سَفَر ڪري شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ وڃي دينِ جي، قرآن ۽ سُنّت جي تبليغ ڪندا آهن، پاڻ به نمازون پڙهندا آهن، ٻين کي به نمازن جي دعوت ڏئي مسجد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، قرآنِ ڪريم جو، سُنّتن جو فيضان عام ڪندا آهن، عشق رسول جي شمع دِلين ۾ روشن ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ٿيندي آهي، ايئن عاشقانِ رسول دين سکي، ٻين کي سيکاري حقيقي غُلامانِ مصطفيٰ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٻين کي به انهيء راھ جو مُسَافِر بڻائنيدا آهن۔

اي عاشقانِ رسول! 14 آگسٽ تي سرڪاري موڪل هوندي آهي، اوهان به ذهن بڻايو، حقيقي غُلامِ رسول بڻجڻ جي لاءِ، تحريڪِ آزادي جي شهيدن جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر ڪريو ۽ آزادي جي نعمت جو شڪر ادا ڪريو.