Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

روزا رکون ٿا، حج جو جذبو اسان ۾ ڪيترو آهي، زڪوٰة جي ادائيگي ۾ ڇا صورتحال آهي؟ ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي، حسد، تڪبر، خودپسندي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ، بي پردگي، بي حيائي، فيشن پرستي، بي ايماني، ٻه نمبري، بدڪاري، شراب، وياج، رشوت، حرام ڪمائي، جھيڙو جھٽو، گار گند، قتل و غارت گري اهي سڀئي ڪم جن کان قرآن ۽ حديث ۾ منع ڪيو ويو، اسان انهن کان ڪيترو بچون ٿا۔ والدين جي عزت، پاڙيسرين جا حق، دوستن جا حق، رشتيدار جا حق، پاڙي وارن جا حق، مسلمان جي خير خواهي، غريبن سان محبت، وڏن سان محبت، ننڍن تي شفقت اهي تمام ڪم ڪرڻ جو اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي، اسان اُنهن تي ڪيترو عمل ڪيون ٿا۔

  افسوس! سنجيدگي سان اسان پنهنجو مُحَاسَبو ڪيون ته خبر پوندي ته بني اسرائيل جيان اسان جي حالت به سخت افسوسناڪ آهي بلڪه انتهائي افسوس جي ڳالھ اها آهي ته آزادي جي نعمت جنهن جو اسان کي شڪر ادا ڪرڻو هو، اسان ان آزادي جو مفهوم ئي بدلي ڇڏيو آهي، اڄ بلڪل ڇڙواڳ ٿيڻ کي آزادي چيو پيو وڃي، سيڪولئر اِزم (Secularism) کي، لبرل اِزم (Liberalism) کي آزادي چيو پيو وڃي۔

آزادي ڇا کي چئبو آهي؟

ڇا اوهان کي خبر آهي: آزادي اَصل ۾ ڇا کي چئبو آهي؟ آزادي، Freedom، Independence اها اَصل ۾ سوشيالوجي (Sociology) جي هڪ اِصطلاح آهي۔ سوشيالوجي ۾ آزادي جون ٻه قسمون آهن:

*  Political Freedom(سياسي آزادي): جڏهن هڪ قوم ڪنهن ٻي قوم جي حڪمراني هيٺ هوندي آهي، اها قوم پنهنجي مرضي سان زِندگي نٿي گذاري سگھي، ان کي ٻئي حاڪم قوم جي مرضي سان جيئڻو پوي ٿو، حاڪم قوم جي ٺاهيل اُصولن مطابق زِندگي گذارڻي پوي ٿي، جيڪڏهن ان قوم کي قوم