Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

آزادي هڪ نعمت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪفر جي غُلامي کان، ڪافِرن، ظالمن جي غُلامي کان آزادي ملڻ الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي۔ الله پاڪ سوره بقره ۾ بني اسرائيل جو ذِڪر فرمايو آهي، ان ۾ بني اسرائيل کي اسلام جي دعوت ڏني وئي، الله پاڪ بني اسرائيل کي جيڪي نعمتون عطا ڪيون، انهن کي شُمار ڪيو ويو۔ انهن مان پهرين نعمت الله پاڪ جيڪا بيان فرمائي آهي اها آزادي آهي۔([1]) الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اِذْ نَجَّیْنٰكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ یَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْٓءَ الْعَذَابِ یُذَبِّحُوْنَ اَبْنَآءَكُمْ وَ یَسْتَحْیُوْنَ نِسَآءَكُمْؕ-وَ فِیْ ذٰلِكُمْ بَلَآءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِیْمٌ(۴۹) وَ اِذْ فَرَقْنَا بِكُمُ الْبَحْرَ فَاَنْجَیْنٰكُمْ وَ اَغْرَقْنَاۤ اٰلَ فِرْعَوْنَ وَ اَنْتُمْ تَنْظُرُوْنَ(۵۰)

  (پاره1،سورۃالبقرۃ:49تا50)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇوٽڪارو ڏنو جو توهان تي نهايت برو عذاب ڪندا هئا، توهان جي پٽن کي ڪُهندا هئا ۽ توهان جي ڌيئرن کي ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ توهان تي پالڻهار طرفان وڏي مصيبت هئي (يا وڏو انعام). ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان توهان جي لاءِ درياء کي چيريو، پوءِ توهان کي بچايوسون ۽ اوهان جي اکين آڏو فرعون (۽ان) جي ماڻهن کي ٻوڙيوسون.


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر، پارہ:1، البقرۃ، زیرِآیت:49، جلد:1، صفحہ:504، ماخُوذًا۔