Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

”صَنَوبَر“ هڪ وڻ آهي، عام طور تي ڪشمير جي علائقي ۾ ٿيندو آهي، اهو گھڻو ڊگھو هوندو آهي، اقبال ان جو مثال ڏنو آهي ته صَنوبر آسمان ڏانهن وڃڻ يعني ڊگھو ٿيڻ ۾ آزاد آهي، جيترو چاهي ڊگھو ٿي وڃي پر ”پَابَه گِل به آهي“ يعني ان جون جڙون زمين ۾ قيد آهن، جيڪڏهن صنوبر جي جڙن کي زمين جي قيد مان آزاد ڪيو وڃي ته ان جي ڊگھي ٿيڻ جي آزادي ختم ٿي ويندي، اهو ڪِري پوندو۔ توهان به انهن پابندين کان آزادي حاصِل ڪيو، چنڊ تي وڃڻو آهي، وڃو، ترقي ڪرڻي آهي، ڪيو، پر قرآنِ ڪريم جي، اِطَاعتِ رسول جي زنجير ڳچي ۾ وجھي ڇڏيو، پوءِ جيترو مرضي اڏامندا رهو، ڪرڻ جو خطرو نه رهندو۔

اي عاشقانِ رسول! هي آهي اها آزادي جنهن کي خُود مُصَوِّرِ پاڪستان ڊاڪٽر اقبال بيان ڪيو آهي۔ پنهنجي پاڻ کان پڇو! ڇا اسان کي اها آزادي حاصِل آهي؟ ڇا اسان واقعي صحيح معني ۾ ”غُلامِ رَسُول“ آهيون؟ ڇا اسان جو چهرو غُلامانِ مصطفيٰ جهڙو آهي؟ ڇا اسان جو لباس غُلامانِ مصطفيٰ جهڙو آهي؟ اسان جي جيئڻ جو انداز، اسان جا طَور طريقا، اسان جو اُٿڻ، ويهڻ جو انداز، اسان جو سمهڻ جاڳڻ جو انداز، اسان جو هلڻ ڦِرڻ جو انداز، اسان جو ڳالهائڻ جو انداز، اسان جي کائڻ پيئڻ جو انداز، اسان جي ڪمائڻ جو انداز، اسان جا اَخلاق، اسان جا اَوصاف ڇا اهي سڀ ڪجھ غُلامانِ مصطفيٰ جهڙا آهن؟ جيڪر نه آهن ته پوءِ ڪڏهن ٿيندا؟ 74 سال ته آزادي حاصِل ڪندي گذري چڪا آهن، جيڪڏهن اڃا به اسان صحيح معني ۾ آزاد نه ٿياسين، نَفس جي غُلامي کان، شيطان جي غُلامي کان، غيرن جي تهذيب ۽ ثقافت جي غلامي کان جيڪڏهن اڃا به آزاد نه ٿياسين ته ڪڏهن ٿينداسين؟

جشنِ آزادي ڪيئن ملهايون؟

هاڻي ٻن ڏينهن کان بعد يومِ آزادي اچڻ واري آهي، سڀني کي خبر آهي ته جشنِ آزادي تي اسان جي ئي مُعَاشري ۾ ڇا ماحول هوندو آهي۔ ميوزڪ